جيت

جيت

جيت 1

جيت 1: تمام ننڍڙن ساهوارن کي جيت سڏيو وڃي ٿو. جيتن جا ڪيترائي قسم آهن، جھڙوڪ: زمين تي سُرندڙ جيت، جن کي سرڻا به چون، اڏامندڙ جيت، پيرن وارا رڙهندڙ جيت، پوکن ۾ ٿيندڙ جيت، وڻن ٻوٽن کي کائيندڙ جيت، پاڻيءَ جا جيت، برسات ۾ ٿيندڙ موسمي جيت وغيره. انهن ۾ ڪي اهڙا جيت به ٿيندا آهن، جيڪي ڪي خاص وچڙندڙ بيماريون پيدا ڪندا آهن. انهن مان گهڻا جيت زهريلا هوندا آهن، جيڪي سڀني ساهوارن، توڙي ٻوٽن کي سخت نقصان رسائيندا آهن. موسمي جيت هڪڙي ئي وقت تي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ مند پوري ٿيڻ تي ختم ٿي ويندا آهن. انهيءَ قسم جي جيتن ۾ مينهن ۾ پيدا ٿيندڙ پتنگ يا پرن وارا ماڪوڙا، ماڪوڙيون، وونئڻن ۽ انبن ۾ لڳندڙ مهلو ۽ پکڻ خاص آهن. وچڙندڙ بيمارين وارن جيتن جي پيدائش جو سلسلو هن طرح آهي ته جيتن مان جيت پيدا ٿيندا آهن ۽ اهڙي تڪڙي واڌ ڪندا آهن، جو ڪلاڪن ۾ سندن تعداد ڪروڙن کي پهچي ويندو آهي. ڪي جيت وري ٻين ساهوارن جي رت تي پلجندا آهن، جيئن مڇر، منگهڻ، ڄَوا، جُون ۽ ڄورون وغيره. گهڻن جيتن جو علاج ٿي سگهي ٿو، سواءِ وچڙندڙ بيمارين جي جن مان ورلي ڪو ساهوارو بچندو آهي. پوکن جي جيتن لاءِ جيت مار دوائون استعمال ڪرڻ سان گهڻي حد تائين فائدو ٿي ويندو آهي. هنن جيتن مان ڦهلجندڙ بيمارين کان بچڻ لاءِ ڳوٺن ۽ گهرن ۾ صفائي رکجي، پاڻيءَ جا دٻا ختم ڪرڻ ۽ ڀاڻ جا ڍڳ ڀري اڇلڻ يا ساڙي ڇڏڻ گھرجن. اهڙيءَ ريت بيمارين کان نجات ملي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو